اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 11 ماڻهو فوت،953 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڪرونا مريض لاڏاڻو ڪري ويا، 953 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 953 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جڏهن ته وڌيڪ 2 هزار 605 مريض هن وبا مان صحتياب ٿيا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 248 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 15 لک 12 هزار 707 آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 30 هزار 794 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 890 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 69 هزار 338 ٿي چڪو آهي، ڪل فوتگيون 8 هزار 83 ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button