اسلام آبادپاڪستان

غريبن لا پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهيا آهيون:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت غريب طبقي لا پنهنجو گهر خريد ڪرڻ وارو خواب پورو ڪري رهي آهي. گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي ڏٺو وڃي. وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام وڏي پکيڙ جي تدارڪ لاءِ ڊگهين عمارتن جي اڏاوت جو ماڊل اختيار ڪيو وڃي. جمعي تي وزيراعظم عمران خان هڪ تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت اپارٽمينٽس جي پکن جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته فراش ٽائون منصوبو نيا پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. جيڪو 2000 گهٽ لاڳت اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي، جنهن سبب في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. هن چيو ته غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص دلچسپي سان هي منصوبو مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اپارٽمينٽس خريدڻ لاءِ پرائيويٽ بئنڪ آسان قسطن تي قرض جي سهولت به فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سبسڊي سبب انهن اپارٽمينٽس جي مهيني وار قسط 13 هزار رپيا هوندي. جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38 هزار رپيا ٿئي ٿو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اوليتي شعبن تحت آئي ٽي شعبي ۾ ملندڙ مراعتن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي تازو ئي ڏنل انڊسٽريل ۽ آئي ٽي شعبي جي پئڪيج تي عمل تيزي سان ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾ فري لانسرز جي انگ ۾ حڪومتي قدمن جي ڪري جوڳي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، تازو ئي اعلان ڪيل سهولتن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. فري لانسرز جي ون – اسٽيپ رجسٽريشن پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ پورٽل سان يقيني بڻائي وئي آهي. جنهن جي فيڊرل بورڊ آف روينيو کان رجسٽريشن آٽوميٽڪ ٿيندي. ان کان سواءِ فري لاسنگ ذريعي ٻاهرين ملڪ مان حاصل ٿيل رقم پاڪستان ۾ سولائي سان موڪلڻ لاءِ بئنڪنگ چينلز تائين پهچ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ترحيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ان کان سواءِ آئي ٽي ڪمپنين کي حڪومت طرفان ڏنل ٽيڪس تي ڇوٽ مان فائدو وٺڻ لاءِ به نظام جلد فعال بڻايو ويندو. ڪمرشل بئنڪس جي ذريعي منظور ٿيل سهولتون ۽ مراعتون ڏيڻ لاءِ به باقاعدي رهنمائي جلد فراهم ڪئي ويندي. وزيراعطم حڪومت پاران اعلان ڪيل سهولتن ۽ مراعتن جي فري لانسرز ۽ آئي ٽي ڪمپنين ۽ صنعتن کي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن تي مقرر مدي ۾ عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، عامر هاشمي، ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ۽ آئي ٽي شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت تاريخي پئڪيج ڏنو. باصلاحيت نوجوان فري لانسرز کي سهولتون ملڻ سان ناڻي ۾ اضافو ٿي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button