اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول سستو ٿيڻ جو عوام کي لاڀ نه مليو،19 شيون وري مهانگيون

اسلام آباد : وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ باوجود عوام کي ڪو لاڀ نه ملي سگهيو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي ٻڙي چار سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 15 ڏهائي 23 سيڪڙو تي پهچي وئي. رپورٽ موجب تازي هفتي دوران 19 شين جا اگهه وڌيا، 13 شيون سستيون ٿيون ۽ 19 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. هڪ هفتي دوران کير، ڏهي، خشڪ کير، چانهه جي پتي، ايل پي جي، چڻن جي دال، ڪڪڙ جو گوشت، ٻاڪڙو گوشت، ڳائو گوشت، گيهه، سرنهن جو تيل، صابڻ ۽ ٻيون ضروري شيون مهانگيون ٿيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کنڊ، ڳڙ، ٽماٽو، پٽاٽو، بيضا، ٿوم، اٽو، مڱن جي دال، مهري دال، ماش جي دال ۽ پيٽروليم شين جي تي ٻڌل 11 شيون سستيون ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button