پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ گم ٿيل نينگر جو کوهه مان لاش هٿ، ٻن پيرن جا نشان به مليا

چيلھار: چيلھار ۾ 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر جو کوهه مان لاش مليو، ٻن ماڻهن جا واقعي واري هنڌ تان پير ملڻ بعد پوليس قتل جي شڪ ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب چيلھار ويجھو ڳوٺ ڦلڙھار جي ڀيل پاڙي جو 10 ورهين جي معصوم نينگر ويرم پٽ گھمون ڀيل 3 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، جنھن جي مائٽن ۽ پاڙيوارن گهڻي ڳولا ڪئي، پر نه مليو، 3 ڏينهن بعد ڳوٺ اندر موجود ھڪ پراڻي کوهھ مان نينگر جو لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش ٻاهر ڪڍرايو ۽ مقامي اسپتال پهچايو، کوهه وٽان ٻن ماڻھن جي پيرن جا نشان به مليا آهن، جنهن بعد پهرين خودڪشي واقعي بعد پوليس قتل جي شڪ ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ٻڌايو ته ٻن نامعلوم ماڻهن جي مليل پيرن جي نشانن معاملي کي شڪي بڻايو آھي، اسان جي ڪوشش آھي ته اصل ڪارڻ تائين جيترو جلد ٿي سگھي، پهچي وڃون، واقعي نينگر قتل ٿيو آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اچڻ ۾ 3 يا 4 ڏينهن لڳي ويندا، مشھور پيرين جي مدد سان جلد ظاھر ڪبو ته واقعو قتل آهي يا خودڪشي آھي؟. ٻئي پاسي مائٽن جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، اسان انتھائي غريب آھيون، اسان سان ظلم ٿيو آھي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. علائقي واسين موجب ھتي اھڙي نوعيت جو هي پھريون واقعو آھي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button