پاڪستانسنڌ

فيصل واوڊا جي خالي سينيٽ سيٽ جي چونڊ لا اميدوارن جي لسٽ جاري

ڪراچي: فيصل واوڊا جي نااھلي بعد سنڌ مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي اليڪشن ڪميشن چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب 5 اميدوار چونڊ ۾ حصو وٺندا، پيپلزپارٽي جو نثار کھڙو ۽ پي ٽي آئي جو آغا ارسلان خان مقابلي ۾ ھوندا، جڏهن ته 3 آزاد اميدوار طور چونڊ ۾ حصو وٺندا.

اليڪشن ڪميشن موجب پي ٽي آئي جو علي احمد پلهه آزاد اميدوار طور چونڊ ۾ حصو وٺندو، پ پ جو گل محمد جکراڻي ۽ عاجز ڌامراهه به آزاد اميدوار طور چونڊ ۾ حصو وٺندا. پيپلزپارٽي نثار کھڙو کي ۽ پي ٽي آئي آغا ارسلان خان کي اميدوار طور ٽڪيٽ ڏني آھي، 9 مارچ تي سنڌ اسميبلي ۾ سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button