پاڪستانسنڌ

ملير ۾ فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي جي نيڪال واري ندي رهواسين لا عذاب

ملير: ملير ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي انساني زندگيون ڳڙڪائڻ لڳو آهي، ملير جي سکڻ ندي تي قبضا ڪري گارمينٽس سميت قائم ڪيل مختلف فيڪٽريون عوام لاءِ آزار بڻجي ويون آهن، ماحوليات کاتي پاران رشوت وٺي فيڪٽرين کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، غيرقانوني طريقي سان سرڪاري زمينن توڙي سکڻ ندي تي قبضا ڪري فيڪٽريون ٺاهيون ويون آهن، انهن فيڪٽرين جو نيڪال سسٽم نه هجڻ جي ڪري فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي حسن پنهور ڳوٺ، کوهي ڳوٺ، ماروي ڳوٺ، سميت مختلف ڳوٺن جي لکين ماڻهن لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيو آهي، 8 ڏينهن اڳ فيڪٽري جي زهريلي پاڻي ۾ کوهي ڳوٺ جو 3 سالن جو ٻارڙو احمد ٻڏي فوت ٿي ويو.

سماجي اڳواڻ غلام فريد بلوچ ٻڌايو ته سکڻ ندي تي قبضو ڪري ٺاهيل فيڪٽريون اسان علائقي واسين جي لاءِ زهر ثابت ٿيون آهن، آلودگي سبب ساهه جون بيماريون اڳ ئي اسان جون زندگيون کسي رهيون هيون ويتر برساتي ندي ۾ زهريلو پاڻي اسان علائقي واسين جي اولاد کان زندگيون کسي رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا معصوم ٻارڙا راند ڪندي ان زهريلي پاڻي ۾ ڪري فوت ٿيا آهن پر حڪومت کي ڪابه پرواهه ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button