پاڪستانسنڌ

پشاور ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي: قادر بخش ڪلمتي

ملير: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو آهي ته پشاور ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسان شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، دهشتگردي ملڪ جي خلاف هڪ وڏي سازش آهي، جيڪا نه رڳو ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ سان گڏ ملڪ ۾ معاشي بحران کي جنم ڏيندي آهي. قادر بخش ڪلمتي چيو ته انساني قتل عام ته سڄي انساني ذات کي تمام وڏي تڪليف ٿئي ٿي، دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن، پشاور واقعي سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا افسوسناڪ عمل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button