پاڪستانسنڌ

نيازي سرڪار جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: يوسف بلوچ

ملير: پيپلزپارٽي جي ايم پي اي يوسف بلوچ چيو آهي ته نيازي سرڪار جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان نڪتل عوامي مارچ ۾ سنڌ سميت پنجاب ۾ وک وک تي عوام پاران تمام وڏو استقبال ڏسي نيازي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، نيازي سرڪار کي هاڻي وڃڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، يوسف بلوچ ملير نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سڄو ملڪ مهانگائي سبب پريشان آهي، مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، ڪروڙين نوڪريون ڏيندڙ عمران خان ملڪ کي معاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button