پاڪستانسنڌ

وفاقي وزير سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جا عادي آهن: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارليامينٽيريئنز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو عوامي مارچ ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ انهن خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته وفاقي وزير شفقت محمود اقرار ڪيو ته هن جا پارٽي ميمبر به هنن کي ڇڏي رهيا آهن ۽ هارس ٽريڊنگ وجود ۾ اچڻ واري پارٽي کي ختم ڪيو ويندو.

شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جمهوريت ۽ آئين جو نگهبان آهي ۽ پيپلزپارٽي جي جيالن کي پنهنجي قائد آصف علي زرداري تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير آخري ڏهاڙي لڳائڻ جي لاءِ عدم اعتماد جي تحريڪ جا منتظر آهن، جڏهن ته وفاقي وزير سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جا عادي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button