پاڪستانسنڌ

ڀٽائي لائنز سامارو سپر ليگ جو فائنل کٽي ورتو

سامارو: سامارو اسپورٽس ڪامپليڪس جي ميدان تي ھلندڙ سامارو سپر ليگ سيزن ون جي ميگا فائنل مثچ ۾ سامارو ڪنگز اليون ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ٺاھيون، بيٽس مين لالا امين 18 بالن تي 55اسڪور ٺاھيو. ڀٽائي لائنز جي بالر علي حسن کوسو 27 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ڀٽائي لائنز اليون ٽن وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور جي ٽئين بال تي گھربل ٽارگيٽ حاصل ڪري فائنل جي چئمپين بڻجي وئي. بيٽس مين سلمان قائمخاني 21 بالن تي 86 رنسون ٺاھي نمايان رھيو. سامارو ڪنگز جي بالر موسى جکرو 44 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. فائنل ميچ جو مين آف دي ميچ سلمان قائمخاني ۽ مين آف دي سيريز علي حسن کوسو کي قرار ڏنو ويو. بيسٽ بالر عارف ڪالرو کي قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي خاص مھمانن اونرن اسپانسرن اڳوڻي ٽائون چيئرمين رفيق احمد قائمخاني، اڳوڻو يوسي ناظم شڪيل احمد قائمخاني، جھانزيب سرتاج قائمخاني، عارف قائمخاني، رائو ڪامران، وقار، ذوالفقار خاصخيلي، ڊاڪٽر ڪاشف عزيز آرائين، پير حماد جان سرھندي، محسن اسلم آرائين، شنڪر لال پرمار، جھانگير قائمخاني، تنوير احمد، سھيل بابو قائمخاني، غالب قائمخاني، پريس ڪلب جي صدر خان محمد خاصخيلي، نائب صدر نور محمد خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري سريش مالھي، آفيس اطلاعات سيڪريٽري روشن علي بھراڻي، سينيئر صحافي ناز فقير محمد شاھاڻي، عمر حيات گوندل، نديم نبي قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آرگنائيزنگ ڪميٽي اڳواڻن ظھير قائمخاني، سلمان قائمخاني عمان قائمخاني، شھباز قائمخاني، ثاقب سرتاج قائمخاني ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪيپٽن سلمان ڪي ڪي کي 50 ھزار روڪ ۽ ٽرافي ڏني ۽ رنر ٽيم جي ڪيپٽن خليل عابد قائمخاني کي 30 ھزار روڪ ۽ رنر ٽرافي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button