نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ۾ سماجي تنظيم مهراڻ ايجوڪيشن جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سماجي تنظيم مهراڻ ايجوڪيشن جي اڳواڻن، شهرين، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن مختيار احمد گشڪوري، اعجاز ڀاڻپوٽو، نياز محمد چانڊيو، عالم اسير، اشوڪ شرما، الهبچايو گشڪوري ۽ ٻين چيو ته نياڻين جي تعليم عام ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، هن وقت اسان جي علائقي ۾ نياڻين جي تعليم نه هئڻ برابر آهي، جيڪو هڪ افسوس جوڳو عمل آهي. اڳواڻن چيو ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ عورتن جو وڏو هٿ آهي ۽ ان جو سبب صرف تعليم آهي، ٻهراڙين ۾ نياڻين کي تعليم نه پئي ڏني وڃي، جنهن لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن نياڻين جي تعليم عام ٿي سگهي، والدين پنهنجي نياڻين کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close