ڪراچي: ڪراچي ۾ 13 هون لٽريچر فيسٽيول ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ مختلف سيشن ٿي گذريا، ڪالهه ٻئي ڏينهن ڪي ايل ايف ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ اثرائتي مقامي حڪومت جو انتظام نه هوندو، تيستائين ترقي ممڪن ناهي، ملڪ ٺهڻ سان گهڻا صوبن ٺاهي وٺجن ها ته شايد ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها، ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهينداسين ۽ ملڪ ۾ ٻين صوبن جي به ضرورت آهي. اسد عمر چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ سرائيڪي ڳالهائيندڙن کي شڪايت آهي ته انهن کي حق نه ٿا ملن، پنجاب ۾ سرائيڪي بيلٽ ۽ باقي پنجاب ۾ واضح فرق نظر اچي ٿو، آئين موجب هڪ مڪاني گورنمينٽ جو نظام قائم ٿيڻ گهرجي ان سان ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته ڪي پي ۾ گذريل مڪاني سسٽم مان ڪافي بهتري آئي پر اڃا ضرورت آهي، جڏهن پاڪستان ۾ چار خاندان حاوي هجن ته انهن کي هڪ گيٽ مان ڪنٽرول ڪرڻ آسان هجي ٿو پر هر شهري کي هر قسم جو آئين ۾ ڏنل حق حاصل هجي ته هر شهري کي ان گيٽ مان ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ به اسلام آباد جهڙو مڪاني نظام هجڻ گهرجي، اڌ اسلام آباد ۾ سرڪار جو ڪنٽرول ۽ هڪ حصي تي طاقتور ماڻهن جو ڪنٽرول آهي ۽ هڪ حصي ۾ انتهائي بي پهچ ماڻهو رهن ٿا، هاڻي اسلام آباد ۾ هڪجهڙو نظام آڻي رهيا آهيون ۽ هر شهر لاءِ اهو ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته جمهوريت ڊليور نه ڪيو ته ان جو متبادل ڪهڙو آ اهو سڀ ڄاڻون ٿا، هتي ڪوبه اختيار هيٺ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن پارٽي سينٽر لائيز هوندي ته اتي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪئين ٿيندا، مڪاني نظام کي بااختيار بڻائڻ سان پارٽين ۾ جمهوريت ايندي آهي.