اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اسان جو هوم ورڪ مڪمل ۽ نمبر پورا آهن. اپوزيشن پنهنجو ڀلي شوق پورو ڪري ڏسي، ان کي اندازو ٿي ويندو. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم جي ميمبرن سان ملاقات گذريل ڏينهن ٿي، انهن ميمبرن ۾ رياض فتيانا ۽ نصر الله دريشڪ کانسواءِ وفاقي وزير به هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ بي اعتمادي رٿ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ميمبرن تي اعتماد آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، بي اعتمادي جي حوالي سان اسان جو هوم ورڪ مڪمل ۽ نمبرا پورا آهن. سندس چوڻ هو ته مون کي توهان جي وفاداري تي يقين آهي، سڀ ميمبرن متحد آهن. اتحادي به اسان سان گڏ آهن، اپوزيشن ڀلي شوق پورو ڪري، کين اندازو ٿي ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم کي ميمبرن خاطري ڪرائي ته اسان توهان سان گڏ آهيون، اسان ڪيڏانهن به نه پيا وڃون، توهان مطمئن رهو، اسان توهان جي ٽيم جو حصو آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close