اسلام آبادپاڪستان

نعرا ڪيترا به سخت ڇو نه هجن،سازش يا ڏوهه نٿا ٿي سگهن:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هائي ڪورٽ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌي ايمان مزاري سميت ٻين کي گرفتاري کان روڪڻ جي حوالي سان لکت وارو حڪم نامو جاري ڪيو آهي. ايف آ آر مان لڳي ٿو ته نوجوانن جي پرامن احتجاج کي منتشر ڪرڻ جي لا طاقت جو غلط استعمال ڪيو ويو. نعرا پو اهي چاهي ڪيترا به سخت ڇو نه هجن، ڪنهن به صورت ۾ مجرماڻو ڏوهه يا سازش قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڪيس جي قلمن مان لڳي ٿو ته اختلاف را جي حوصلا شڪني ڪرڻ لا ايئن ڪيو ويو. آئين تحت هلندڙ معاشري ۾ طاقت جو غلط استعمال برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي. رياستي ذميوارن طرفان تشدد ۽ بغاوت جون ڪارروايئون ناقابل معافي ۽ ناقابل برداشت آهن. اختيارن جي غلط استعمال جو هي پهريون ڪيس ناهي جيڪو سامهون آيو آهي. مخصوص ڪلاس کي ٽارگيٽ ڪري سياسي بحث مباحثن کي روڪڻ، تنقيد، اختلاف کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ناقابل برداشت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button