ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان اقبال پمپ کان پوسٽ آفيس چوڪ تائين “ميرپورخاص حقوق” ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي متحده جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ هيڏي وڏي ريلي ڪڍي اسان وارننگ ڏيڻ لاءِ آيا آهيون. اسان اُٿون ٿا ته هندستان به ورهائجڻ کان بچي نه ٿو سگهي، اسان اسلام جو جهنڊو سربلند ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين، ملازم ازم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نه آيا هئاسين. پاڪستان کي بچائڻو آهي ته ملڪ جون واڳون پاڪستان ٺاهيندڙن حوالي ڪرڻيون پونديون. سنڌ ۾ رهندڙ ٻن اڪائين وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻ ٻين کي به اڳتي وڌڻو پوندو. خالد مقبول چيو ته متحده وڙهڻ نه پر سڀني کي گڏ کڻي اڳيان وڌڻ چاهي ٿي، پر اها به سڀني کي خبر آهي ته اسان کي وڙهڻ اچي ٿو. اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي صحيح طرح ڳڻيو، جيڪا رياست صحيح مردم شماري نه ٿي ڪري سگهي، اها صحيح مردم شناسي ڇا ڪري سگهندي. اسان سنڌ جو 60 سيڪڙو آهيون، جيڪڏهن ووٽر لسٽن ۾ اسان جا مڪمل نالا آيا ته پوءِ صوبي جو مطالبو ڪو ٻيو ڪندو. تقريب کي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، متحده ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ انچارج خالد تبسيم ۽ ٻين خطاب ڪيو. ريلي ۾ مسعود محمد، فرقان، راشد خلجي، ناصر حسين، سليم رزاق ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close