پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ اسٽيل ملز پورهيتن جو مظاهرو،حليم عادل گاڏي ڀڄائي کسڪي ويو

ڪراچي :ڪراچي اسٽيل مل جي برطرف پورهيتن اسٽيل ٽائون موڙ تي حليم عادل شيخ جي گاڏي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته احتجاج ڪندڙن کي ڏسي حليم عادل شيخ گاڏي ڀڄائي نڪري ويو. خبر موجب پاڪستان تحريڪ انصاف پاران گهوٽڪي مان نڪتل حقوق سنڌ مارچ جو ملير پهچڻ تي مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ آڌرڀاءُ لاءِ گلشن حديد لڳ ڪئمپ تي پهچڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اسٽيل ٽائون موڙ وٽ نيشنل هاءِ وي تي بيٺل سوين برطرف پورهيتن حليم عادل شيخ جي گاڏي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري گاڏي کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر حليم عادل شيخ پنهنجي گاڏي جلدي ۾ ڀڄائي نڪري ويو، جنهن کانپوءِ برطرف ملازم پي ٽي آءِ خلاف آنا ۽ ٽماٽا کڻي روڊ تي بيهي رهيا. برطرف ٿيل پورهيتن جي ريلي آڏو امڪاني احتجاج ڪرڻ واري اعلان بعد ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري ۽ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر اسٽيل ٽائون موڙ پهچي ويا. احتجاج جي تياري ڪندڙ پورهيتن سان ڳالهيون ڪيون ۽ انتظاميا پاران احتجاج ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا بيهاريا ويا ۽ مظاهرين کان روڊ خالي ڪرائي کين ڀڄايو ويو. ان موقعي تي پورهيتن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اهو فيصلو ڪيو هو ته پي ٽي آءِ جي قيادت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري آنن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪيو ويندو پر پوليس جي نفري ۽ رينجرس اسان کان احتجاج جو حق به کسي ورتو آهي. عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ چيو هو ته اسٽيل مل کي هلايو ويندو پر هن اچڻ سان اسٽيل مل هلائڻ بدران 7 هزار کان وڌيڪ پورهيتن کي جبري برطرف ڪري هزارين خاندانن جي گهرن چلها اجهايا آهن. ٻئي طرف حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي پاران حقوق سنڌ مارچ تي حملي ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو هو، ان ڪري اسٽيل ٽائون تي منهنجي گاڏي جو گهيراءُ ڪيو. پ پ جي غنڊن اسان جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان واضح ڪيان ٿو ته پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ جا پنجاب ۾ اسان رستا روڪ نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button