پاڪستانسنڌ

بن قاسم ۾ واٽر بورڊ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ملير (رپورٽ: وحيد مراد سيال) بن قاسم ۾ واٽر بورڊ جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين رپين جو پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. واٽر بورڊ آفيسرن جي ڪرپشن سبب پاڻي جي غلط ورڇ سبب هزارين غير قانوني ڪنيڪشن لڳل آهن. تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ ملير ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان بن قاسم ۾ ڪروڙين رپين جي پاڻي جو چوري جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪيتري ئي عرصي کان بن قاسم جي علائقن گهگهر ڦاٽڪ، شاهه لطيف، پپري، قائدآباد، مين نيشنل هاءِ وي تي ڪيترن ئي فيڪٽرين جعلي سوسائٽين توڙي جعلي رهائشي منصوبن لينڊ مافيا ۽ بلڊر مافيا کان ڪروڙين رپيا وصول ڪري پاڻي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. واٽر بورڊ جي آفيسرن پاران ڪراچي جي مک لائين مان پنهنجن پرائيويٽ ماڻهن کان ڪنيڪشن ڪرائي ماهوار ڪروڙين رپين جو پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب قديمي ڳوٺن توڙي ليز آباد سوسائٽي ۽ ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن. شهرين حيدر بخش سومرو، نعمان بلوچ، حبدار علي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته واٽر بورڊ جي ڪرپٽ آفيسرن بن قاسم ۾ ٽينڪر مافيا توڙي لينڊ مافيا ۽ بلڊر مافيا کان ماهوار ڪروڙين رپيا وصول ڪري رهيا آهن. هڪ وڏي پلاننگ ۽ سازش تحت قديمي ڳوٺن ۽ سوسائٽين جو پاڻي مک لائين مان چوري ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي. ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود انهن ڪرپٽ واٽر بورڊ جي آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪئي وڃي. اسان واٽر بورڊ جي ايم ڊي ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه توڙي ٻين کان مطالبو ڪريون ٿا ته بن قاسم واٽر بورڊ جي آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پاڻي جي چوري کي روڪرايو وڃي، جيڪڏهن چوري نه روڪرائي وئي ته عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button