لاهور: ق ليگ صدر ۽ پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن. پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي حڪومت پنجاب جي وزيرن سان ملاقات ڪئي، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ق ليگ قيادت تحريڪ انصاف کي وڏو سياسي فيصلو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، پرويز الاهي چيو آهي ته حالتون تيزيءَ سان حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيون آهن، هن وقت جيڪي سياسي حالتون آهن، انهن جي تقاضا آهي ته حڪومت اڳتي وڌي وڏو فيصلو ڪري، ڇو ته سياست ۾ جيڪو اڳ ۾ فيصلو ڪندو آهي، سرسي ان کي حاصل ٿيندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close