
مٽياري: مٽياري ويجهو سيد خدا ڏنو ڪوٽ 10 دڙي موري روڊ وٽ لوڊر رڪشا جي ٽڪر ۾ مينا کوسو زال جمعو کوسو موقعي تي فوت ٿي وئي. حادثي ۾ شهمير جي وسين واسڻ رقيه کوسو ۽ طالب کوسو زخمي ٿي پيا، عورت جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار واسي لوڊر ڊرائيور عمران خاصخيلي کي عورت جي وارثن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.