ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سنڌين جو وانڍيو ۾ پرڻيل 19 سالن جي ناري ڀاڳونتي زال جگديش ڪولهي گهر جي چوئنري ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي. سندس وارثن موجب عورت جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو. جنهن جي ڪري خودڪشي ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close