ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب ڪابه فوتگي نه ٿي، جڏهن ته 2872 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 89 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪابه فوتگي جي خبر ناهي ملي ۽ ڪرونا وائرس ۾ حياتيون وڃائڻ جو ٽوٽل انگ 8085 ٿي ويو آهي، جيڪو 1 ڏهائي 4 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 2872 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، جنهن مان 89 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪي 3 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 799566 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 567177 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، انهن مان 95 ڏهائي هڪ سيڪڙو يعني 539597 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 110 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 19495 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 19357 گهرن ۾، 7 آئيسوليشن سينٽرن ۽ 131 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 123 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 7 کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.