پاڪستانسنڌ

سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري ۾ پ پ سھولتڪار بڻيل آھي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري کي نه صرف ھٿي ڏني پئي وڃي پر پ پ پ ان ۾ سھولتڪار بڻيل آھي، جنھن سبب سنڌ ۾ ڌاري آبادي جو روزانو دٻاءُ وڌندو پيو وڃي، ھڪ پاسي ڌارين جي آبادڪاري جي سبب سنڌ ۾ اڳ ۾ ڳڻتي ڇانيل آھي، مٿان وري مختلف ذريعن مطابق ڪراچي ۾ پ پ پ ۽ ڌرڻو ھڻي ويٺل پختونن ۾ جيڪو معاھدو ڪيو ويو، ان ۾ سنڌ ۾ پختونن کي تعليمي ادارن ۾ داخلائن لاءِ سيٽون مخصوص ڪرڻ، کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ سھولتون فراھم ڪرڻ، پختونن جي عارضي آبادين کي پڪو ڪرڻ ۽ صوبي اندر کين نوڪرين ۾ حصو ڏيڻ جا وعدا ڪيا ويا آهن. ھن چيو ته ان قسم جو معاھدو ڪري پ پ پ سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي، جنھن سان سنڌ اندر نسل پرستي کي ھوا ملندي. ھن چيو ته سنڌ جا سمورا سڄڻ ۽ قومپرست ڌريون ان ڳالھه تي متفق آھن ته سنڌ اندر 1954 کانپوءِ ايندڙ سمورن غيرقانوني ڌاريا سنڌ تي بار آھن، انھن تي سنڌ ۾ ملڪيتون وٺڻ، ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button