ڪراچي: ابراهيم حيدري پوليس ڇاپو هڻي حساس ادارن ۽ پوليس جي نالي سان ڀتو وٺندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس چيو آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ امين بنگالي ۽ ذاڪر بنگالي شامل آھن، گرفتار جوابدار ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل ڪاٽي چڪا آهن.
پوليس چيو آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان پوليس وڏي مقدار ۾ گٽڪا ماوا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار پوليس تي حملن ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ مفرور آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار منشيات فروشي سميت ٻين ڪيترن ئي ڏوهن جي الزامن تحت ماضي ۾ به گرفتار ٿي چڪا آهن، گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ جاچ جاري آهي.