ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لياري ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شڪور شاد جي گهر تي ڏنڊا بردار ماڻهن جي حملي ۾ سندس پوٽو زخمي ٿي پيو، پي ٽي آءِ ايم اين اي پاران سي سي ٽي وي ڪيميرا مان ورتل وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ درجنين ماڻهن کي سندس گهر تي حملو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو سان گڏ شڪور شاد هڪ ڪيپشن به لکيو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ڇا ايم اين اي جي گهر تي فيڊر لڳل آهن، جو هي ڏنڊا بردار نوجوان پٿراءُ ڪري منهنجي گهر آيا هئا. شڪور شاد چيو ته پٿراءُ ڪرڻ سبب منهنجو 8 سالن جو پوٽو به زخمي ٿيو آهي، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي ۽ اسان هميشه احتجاج کي ڀليڪار ڪيو آهي پر جيڪڏهن اهڙو حملو ڪيو ويو ته ڇا ٿيندو؟
شڪور شاد ڪالاڪوٽ ٿاڻي تي گهر تي حملي خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي گهر ڀرسان پاڙي ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٽن ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي، مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي ناهي، ڪي اليڪٽرڪ جي اهڙي پاليسي سبب مخالفن منهنجي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ گهر ساڙڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پوليس ۽ رينجرز بروقت پهچي وڏي نقصان کان بچائي ورتو. هن چيو ته مان بار بار سي اي او مونس علوي کي درخواست ڪئي آهي ته اهڙي پاليسي سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو، مونس علوي کي پاڻ تي حملن جو ذميوار سمجهان ٿو، ڪي اليڪٽرڪ ذريعي بدامني پکيڙڻ تي مونس علوي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس، اهڙي طرح قومي اسيمبلي جي سيٽ کان بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏيان.