پاڪستانسنڌ

حليم عادل شيخ آڏو احتجاج ڪندڙ اسٽيل مل جي 10 ملازمن تي ڪيس داخل

ملير: اسٽيل ملز مان جبري طور برطرف ملازمن کي حليم عادل شيخ آڏو احتجاج مهانگو پئجي ويو، 10 پورهيتن خلاف حملي ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس گلشن معظم جي رهواسي اشفاق رضا جي مدعيت ۾ داخل ڪرايو ويو، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مظاهرين حليم عادل شيخ جي گاڏي روڪي کيس زبردستي لاهڻ جِي ڪوشش دوران ڌمڪيون ڏنيون ۽ هڪ حملي آور وٽ پستول هو.

ڪيس ۾ مل مان جبري برطرف ڪيل پورهيتن جي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ۽ جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي صدر شوڪت ڪورائي، پورهيت اڳواڻ اڪبر ناريجو، سليم سميت 10 ڄڻن مٿان داخل ڪرايو ويو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي حليم عادل شيخ جي ميڊيا ٽيم جي صدام، سليم، فرحان شيخ مٿان تشدد ڪيو ويو ۽ کين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جنهن بعد حليم عادل شيخ جي گارڊن کين ڇڏائي ورتو ۽ بعد ۾ حليم عادل شيخ ۽ سندس ٽيم اتان روانا ٿي وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي حقوقِ سنڌ مارچ دوران اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن حليم عادل شيخ جي گاڏي روڪي آڏو احتجاج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button