مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ۾ پورھيت غلام مرتضى عرف موتلو حاجاڻو جي گھر کي اوچتو باھه لڳي وئي، جنهن سبب ھڪ ٻڪري، ڪڪڙيون، کٽون، اناج، ڪپڙا، ھنڌ بسترا ۽ پکن سميت سندس گھر ۾ پيل سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. باھه کي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ وسائي ورتو. ان موقعي تي پورھيت مرتضى حاجاڻو “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته آئون مزدوري ڪري گھر جا گاڏو ھلائيندو آھيان، اوچتو منھنجي گھر کي باھه لڳي وئي، جنهن ۾ منھنجي گھر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ۽ گھرڀاتين سميت کلي آسمان ھيٺان ويٺل آھيون. ھن اپيل ڪئي ته هن مشڪل وقت ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close