پاڪستانسنڌ

عمران خان ضدي، غيرذميوار ۽ ھڪ بيحس شخص آهي: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي گذريل ڏينهن واري تقرير مان واضح ٿي ويو ته سليڪٽيڊ گھٻرائٔجي چڪو آهي ۽ عمران خان جي بدتميزي ۽ بدڪلامي سندس بوکلاھٽ جو ثبوت ڏئي رھي ھئٔي. ھن چيو ته وزيراعظم جو ڪم گاريون ڏيڻ نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ آهي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ڪالهه ھن پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.

شازيه مري جو چوڻ ھو ته وزيراعظم عمران خان ضدي، غيرذميوار ۽ ھڪ بي حس شخص آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري صحيح چيو ته جن حڪومتي وزيرن کي ڪاغذ نه مليو، انهن کي سنڌ موڪليو ويو ۽ گذريل ڏينهن لاهور جي عوام به سليڪٽڊ وزيراعظم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شازيه مري چيو ته چيئرمن پ پ بلاول ڀٽو زرداري عوام جي تڪليفن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم رڳو گاريون ڏئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button