پاڪستانپنجاب

عمران خان کي وڏو جهٽڪو، عليم خان ساٿين سميت ترين گروپ ۾ شامل

لاهور: تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عليم خان ترين گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي ڪاوڙيل اڳواڻ جهانگير ترين ڪالهه لاهور ۾ اهم مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو، اجلاس جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيئر اڳواڻ عليم خان سميت صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جهانگير ترين لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ 3 صوبائي وزيرن سميت مجموعي طور تي پنجاب جا 19 ميمبر شريڪ ٿيا، ايم اين ايز کي اڄوڪي اجلاس ۾ دعوت نه ڏني هئي، انهن جو اجلاس ڌار طلب ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نعمان لنگڙيال، اجمل چيما، عبدالحئي دستي، لاله طاهر رنڌاوا، خرم لغاري، چوڌري ياسين، ميان عبدالرئوف، ميان عمران جاويد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عليم خان جهانگير ترين گروپ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button