شھدادپور: شهدادپور ۾ سنڌ ناري پورهيت ڪائونسل جي ميزباني ۾ انٽرنيشل يونين آف فوڊ جي سهڪار سان عورتن لا فيسٽيول منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن سنڌ جي ثقافت جا اسٽال لڳايا. ان موقعي تي رفيع گولاڻي، رشيده ميمڻ، قزبانو نوناري ۽ منير رائو چيو ته عورتن کي نياڻي جو ٻار پيد ٿيڻ تي قتل ڪيو ٿو وڃي، ڪجهھ ڏينهن اڳ 7 ڏينهن جي معصوم ٻارڙي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، معصوم نياڻي کي سندس پي ماريو، اسان اهڙي سوچ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، عورتن کي اسلام ۾ برابري جو حق مليل آھي، پو سماج ۾ برابري جو حق ڇو نٿو ڏنو وڃي. ان موقعي تي شاگردياڻين سماج جي عڪاسي تي ٽيبلوز پيش ڪيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close