مسڻ وڏي: مسڻ وڏي سميت پوري يوسي مسڻ جي ڳوٺن جا 15 سالن کان پيئڻ جي صاف پاڻي لا واجهائڻ لڳا. 20 جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ مسڻ وڏي شھر جو واحد واٽر سپلائي گذريل 15 سالن کان ناڪاره پيل آهي. مشرف دور کانپوءِ سنڌ تي مسلسل پ پ جي حڪومت رهي آهي، اڄ ڏينهن تائين پ پ جي سنڌ حڪومت شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهي آهي. شھري پيئڻ جو صاف پاڻي 3 کان 4 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڀرڻ تي مجبور آهن. ڪجهه رهواسي رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن تي ناگناه شاخ ڀرسان لڳل نلڪن تان پاڻي ڀرين ٿا. ڳوٺ مسڻ ننڍي، قاضي نور محمد لغاري، محسن ڏگو، حاجي نبي خان ميئو، غلام علي لغاري، شاديون ولھار ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين اشفاق لغاري، شارخ ملڪ، اڪرم ميئو، عبدالرزاق ملاح، شوڪت علي لغاري، عارب شيدي، زوار خاصخيلي ۽ ٻين ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار ولي محمد بلوچ کان مطالبو ڪيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي لا واٽر سپلائي اسڪيمون ٺھرائي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close