حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي روينيو ڪالوني ۾ مڙس گولي هڻي پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب قاسم آباد جي نسيم نگر پوليس جي حد جي علائقي روينيو ڪالوني ۾ جوابدار عظيم چانڊيو پنهنجي 25 ورهين جي زال صنم کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. قتل واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، مقتولا ۽ جوابدار اصل شهدادڪوٽ جا رهواسي ٻڌايا ويا آهن.
اطلاع ملڻ تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته عورت کي مڙس قتل ڪيو آهي، قتل واقعو گهريلو جهيڙي سبب ٿيو آهي، اڃا قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.