ڪراچي: پيپلزپارٽي جي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي فريال ٽالپور عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پ پ هميشه عورتن جي آزادي ۽ حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ عورتن کي هر فيلڊ ۾ برابر جو حصو ڏنو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي هجي يا صوبائي اسيمبلي هر پليٽ فارم تي عورتن جي مسئلن جي حل لا آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندا رهنداسين.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو عورت مارچ تي پابندي ۽ عورتن جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا اهي انسان نه آهن. عورت مارچ انهن جو حق آهي ۽ اهي عورت مارچ ضرور ڪن، پ پ عورتن سان گڏ بيٺي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان جون عورتون باشعور بڻجي چڪيون آهن ۽ مون کي خوشي ٿي ته انهي ۾ پ پ جو وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته پ پ عورتن کي اڳيان آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.