حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ مرڪزي اڳواڻ عبداللھ ٻپڙ پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي تھ چشما رائيٽ بينڪ ڪينال منصوبو سنڌ سڪائڻ جي سازش آھي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون نيون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جون صدين کان آباد ٿيندڙ زمينون بنجر ڪيون ويون آھن.
اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن، جنھن ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مٺي پاڻي جا جر کارا ٿي ويا آھن پر سنڌ حڪومت پاڻي بابت قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ڪميٽي جي اجلاسن ۾ سنڌ کي پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ ڪي بھ تجويزون نٿي ڏئي جنھن ڪري سنڌ ۾ واھن جون کاٽيون بھ ھاري پاڻ ڪري رھيا آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ پيپلزپارٽي طرفان پنجاب جي جاگيردارن کي نوازڻ وارين پاليسين سبب سنڌ جا ڪيترائي واھه لٽي سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪيو ويو آھي.