حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ ڪيو اي ٽي ڪارڪنن سان گڏ حيدرآباد ۾ شھباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته جيجي زرينه کان وٺي ڌيءَ زاريني تائين، ٻاگھل ۽ مارئي کان مائي جندو، شيرين جوکيو، ام رباب ۽ نمرتا تائين، سڀني سان وچن آھي ته عورتن جي برابري، ترقي، انصاف ۽ وقار لا توڙ تائين جدوجھد جاري رکنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي حق ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آهن.
جناح جي پاڪستان ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لازمي آهي. 8 مارچ عورتن جي آئيني، انساني ۽ سماجي حقن جي جدوجهد جو ڏينهن آهي. عورتن کي صرف احترام ئي نه پر ان سان گڏ تعليم، صحت ۽ روزگار جو پڻ حق ڏنو وڃي، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عورتون سخت ظلمن کي منهن ڏئي رهيون آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي سماج اندر ڏينهون ڏينهن عورتن جي حوالي سان حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي.