حيدرآباد: 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عورت تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ٻين تنظيمن طرفان ريليون ڪڍيون ويون، ان سلسلي ۾ وومين ايڪشن فورم پاران 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد ۾ عورت آزادي مارچ ڪڍيو ويو، مارچ شهباز بلڊنگ ٿڌي سڙڪ کان شروع ٿيو، جنهن جي اڳواڻي امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين ڪئي، مارچ ٿڌي سڙڪ، قاسم چوڪ، ضلعي ڪائونسل، فاطمه جناح روڊ، ايس ايس پي چوڪ، ڪورٽ روڊ کان مارچ ڪندو حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پهتو. مارچ ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن، انساني حقن جي اڳواڻن، ليکڪن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، عورتن تي ظلم خلاف ۽ حقن جي حاصلات لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي عورتن کي پنهنجي حقن ۽ نياڻين لاءِ وڙهڻ ۽ ظلم خلاف ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ايئن به نه سوچيو هو ته سنڌ جون نياڻيون هيئن حقن لاءِ نڪري اينديون، هاڻ اهو ڏينهن به پري ناهي جڏهن عورتن کي مڪمل حق ملندا.
وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته وومين ايڪشن فورم هر سال عورت آزادي مارچ ڪڍندو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ جي جي عورتن کي ظلم مان نجات ۽ حق ڏيارڻ آهي. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ عرفانه ملاح چيو ته اسلام آباد ۾ نور مقدم ڪيس ۾ ته قاتلن کي سزائون مليون پر حيدرآباد جي عيني بلوچ قتل ڪيس ۾ اڃا انصاف ناهي مليو، عيني بلوچ جا وارث اڄ به انصاف جا منتظر آهن. وومين ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليا بخشل چيو ته سنڌ ۾ قبائلي نظام جيستائين جاري رهندو تيستائين عورت تي ظلم ٿيندو رهندو، اسان جو اهڙي جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي نظام خلاف جدوجهد آهي. وومين پروٽيڪشن سيل حيدرآباد جي انچارج ماروي اعواڻ، دلت سجاڳ تحريڪ جي صدر راڌا ڀيل، ٽرانسجينڊر جي اڳواڻ ايشل شيخ، پ پ ليڊيز ونگ ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ زيب النساءَ ملاح، سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ شهزادي ڀرڳڙي، ڪامريڊ لالي ڪولهڻ، سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن جي اڳواڻ زاهده ڏاهري، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ رفيه اسد پليجو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
عورت آزادي مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح جي اڳواڻي ۾ صحافين جي وفد، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وفد، ٽرانجسينڊر جي اڳواڻ مديحه شاهه جي اڳواڻي ۾ وفد سميت جامي چانڊيو، مهيش ڪمار، اديب تاج جويو، ادل سومرو، درشن سچديو، ادريس لغاري، پروفيسر مجيد چانڊيو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، غفرانه آرائين، ڊاڪٽر ريحانه نظير، پشپا ڪماري، مصباح، آمنه ڀٽو، روبينا چانڊيو، ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ، ريحانه چنڙ سميت ٻين عورت آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪئي. عورت آزادي مارچ ۾ قراردادون پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته قانونن ۾ ترميمون ڪري گهرو تشدد کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي. جنسي تشدد ناقابل ضمانت ڏوهه قرار ڏنو وڃي، عورتن خلاف ڏوهن جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ مخصوص عدالتون قائم ڪيون وڃن. ٻارن ۽ ٽرانس جينڊر تي تشدد کي پڻ خاتمي لاءِ رياستي ادارن جي ڪاڪردگي کي بهتر بنايو وڃي. عورت مزدورن کي مرد ملازمن برابر اجرت ڏني وڃي.
ڪنڌڪوٽ ۾ عورت مارچ جي شاندار ريلي ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان گھنٽاگھر تائين ڪڍي وئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، امداد کوسو، مصطفى آڪاش، مولي ڏنو ميربحر، سنڌو نواز گھانگرو، ڊاڪٽر مکي سريش تلريجا، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، سجاد بروھي، شاھنواز مرھٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڄامشورو جي پاڪ چائنا انٽرنيشنل اسڪول اينڊ ڪاليج سسٽم ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. تقريب کي پرنسپل ماهرا نور عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. شهدادپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن مرڪزي جنرل سيڪريٽري شمع گلاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.