اسلام آبادپاڪستان

اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: اپوزيشن وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ن ليگ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو. قومي اسيمبلي اجلاس جي ريڪوزيشن ۽ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ شاهده اختر علي، مريم اورنگزيب، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، شازيا مري، نويد قمر، راڻا ثناءُ الله ۽ اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهتا. وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جو طريقيڪار آئين جي آرٽيڪل 95 ۽ قومي اسيمبلي جي رولز 37 ۾ درج آهي. اپوزيشن پارٽين آئين جي آرٽيڪل 54 ٿري تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي ريڪوزيشن به گڏ ئي جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن رڳو بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وڃي ها ته شايد اڻڄاتل مدي تائين اسيمبلي اجلاس طلب نه ڪيو وڃي ها، پر هاڻي آئين تحت اپوزيشن ريڪوزيشن تي اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ اجلاس سڏائڻ جو پابند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button