اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ٻين جي ڳڻتي نه ڪريو،پنهنجا ميمبر سنڀاليو:شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان وزيراعظم جي تقرير تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان نيازي جنهن بدتميزي ۽ گٿي زبان جو استعمال ڪري رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هو گهٻرايل آهي. سندس وائڙائپ لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد جي پهرين ڪاميابي آهي. افسوس سان چونديس ته عمران خان وزيراعظم چورائڻ جي لائق نه آهي. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو چون ٿا ته آصف علي زرداري سندن بندوق جي نوڪ تي آهي، ڇا اسان ان کي ٽارگيٽ ڪلر چئون. چوي ٿو ته چيئرمين بلاول کي اردو سيکاريو، چيئرمين بلاول جي اردو توهان کان بهتر آهي. هن چيو ته اوهان ٻين جي ڳڻتي نه ڪريو پنهنجا ميمبر سنڀاليو. اوهان جي ۽ اوهان جي ميمبرن جون ڊڪون لڳي ويون آهن. هن چيو ته اوهان ڪشڪول کڻي ووٽن لاءِ اتحادين وٽ گهمي رهيا آهيو. اوهان احتساب جي ڌمڪي ڪهڙي ماڻهو کي ڏئي رهيا آهيو، جنهن 12 سال جيل جون سختيون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گرفتاري کان نٿي گهٻرائي، چيئرمين بلاول ڀٽو جو عوامي مارچ حڪومت جي دماغ تي سوار آهي. ايئن لڳي ٿو هڪ زرداري پوري حڪومت تي ڳرو ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button