ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وي سي جي جبري موڪل وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ انيلا عطاءُ الرحمان کي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته درخواستگذارن کي سندن اهم عهدن تان محروم ڪرڻ جو ڪو به مواد رڪارڊ تي موجود ناهي، ان ڪري انصاف جي تقاضا آهي ته درخواستگذار پنهنجي لاڳاپيل يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جا فرض سرانجام ڏيندي رهي.
عدالت صوبي جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي گرلز هاسٽلن ۾ ليڊي پوليس ڪمانڊوز مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته شاگردياڻيون پنهنجي پڙهائي عزت ۽ وقار سان جاري رکي سگهن. عدالت چيو ته شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جنهن بعد عدالت درخواست جي وڌيڪ شنوائي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر انيلا عطاءُ الرحمان کي 45 ڏينهن جي جبري موڪل تي موڪلڻ واري نوٽيفڪيشن کي وي سي پاران چئلينج ڪيو ويو هو.