ڪراچي: سنڌ جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آھي ته عمران خان کي بائي بائي چوڻ جو وقت اچي ويو آھي، ھن ڀيري بي اعتمادي رٿ ناڪام نه ويندي، پھريان کان مختلف ۽ ڪامياب ويندي. منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وزيراعظم وڃڻ وارو آھي، عمران خان کي بائي بائي چوڻ جو وقت ٿي چڪو آھي.
ھي سال اليڪشن جو آھي ۽ سڀني پارٽين سان الحاق ٿيندو، گڏيل حڪومت ٺاهينداسين، اسلام آباد ۾ جڳھه جڳھه تي ڪنٽينر رکي لانگ مارچ جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. منظور وساڻ جو چوڻ ھو ته عمران خان بوکلاھٽ جو شڪار ٿي ويو آھي، ان کي خبر پئجي چڪي آھي ته حڪومت وڃڻ واري آھي، عمران ملڪ ۾ مھانگائي وڌائي ڇڏي آھي، غريب عوام پريشان آھي.