ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ بعد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب لانگ مارچ تي تبصرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته يقينن شڪست ڏسندي پي ٽي آءِ سينيٽ جي سيٽ تي ووٽ وجهڻ کان ڀڄي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ئي خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي ووٽ ڏيڻ کان ڀڄي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ جمهوري لانگ مارچ جي ڪاميابي سڀني تي واضح ٿي چڪي آهي. وفاق ۾ ويٺل حڪمران طبقي جو خوف واضح ٿي ويو آهي.
هن چيو ته متحده اپوزيشن جي بي اعتمادي تحريڪ پي ٽي آءِ جي صفن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو عوام پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت کان مايوس آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ۾ ڀرپور شرڪت تي عوام جي شڪرگذار آهيان. هن چيو ته ملڪ کي درپيش بحران جي احساس سمورين جمهوري قوتن کي متحد ڪري ڇڏيو آهي. سمورين جمهوري پارٽين سان گڏجي ملڪ جي معاشي حالت کي بهتر بڻائينداسين. هن چيو ته موجوده وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ انشا الله ڪامياب ٿيندي.