ڪراچي: وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادر آباد پهچي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران اتحادي جماعت وزيراعظم سامهون ٻه وڏا مطالبا رکي ڇڏيا. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان بند آفيسون کولڻ ۽ گم ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو رکيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي ڪراچي پيڪيج تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
اهو عمران خان جو وزيراعظم طور ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عارضي مرڪز جو پهريون دورو هو، ان دوران وفاقي وزير علي زيدي، اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ سنڌ گورنر عمران اسماعيل به ساڻس گڏ هئا. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي ڊي اي ميمبرن سان ملاقات لاءِ گورنر هائوس پهتو، جتي شهريار مهر، حسنين مرزا، معظم عباسي، نصرت سحر عباسي، رفيق ٻانڀڻ ۽ رزاق راهمون وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم پير پاڳاري سان ملاقات نه ڪري سگهندو، جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي ميمبر سائره بانو چيو آهي ته پير پاڳارا جي طبيعت خراب هجڻ سبب ملاقات نه ٿيندي، پير صدرالدين شاهه ذاتي مصروفيتن سبب خيرپور ۾ آهي.