پاڪستانسنڌ

نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو

ڪراچي: پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ فيصل واوڊا کي اليڪشن ڪميشن نااهل قرار ڏيندي سنڌ اسيمبلي جي خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي پولنگ ڪرائي، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجو حق استعمال ڪيو، بائيڪاٽ جي اعلان باوجود پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن ڪريم بخش گبول ۽ ديوانسچ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ٽوٽل 101 ووٽ ڪاسٽ ٿيا.

سينيٽ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٻن ايم پي ايز ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، پ پ ايم پي محمد هاليپوٽو ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، جڏهن ته راجا خان مهر اثاثا جمع نه ڪرايا هئا، ان ڪري ان جو ووٽ داخل ٿيل نه هو. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نثار کهڙو 99 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، سينيٽ الڪيشن ۾ 101 ووٽ وڌا ويا، جن مان ٻه رد ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button