پاڪستانسنڌ

وزيراعظم وٽ 3 کان 4 ڏينهن آهن جيڪو ڪرڻو اٿس ڪري وٺي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم وٽ 3 کان 4 ڏينهن آهن، کيس جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺي، فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي سان خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي اليڪشن جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته نثار کهڙو کي مبارڪون ڏيان ٿو، نثار کهڙو مڃيل مڃايل پارليامينٽرين آهي، هو سينيٽ ۾ وڃي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ جي اسلام آباد ۾ پڄاڻي ٿي، بلاول ڀٽو جتان لنگهيو آهي، اتان ماڻهن جو ميڙ کيس ويلڪم ڪرڻ آيو. بلاول ڀٽو چيو هو ته هي نااهل ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم ماڻهن جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڪالهه بي اعتمادي رٿ جمع ٿي آهي، سمورا ميمبر هن بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪندا.

ساڍن ٽن سالن تائين ڪارو دور هليو آهي، ماڻهن کان نوڪريون ۽ گهر کسي ورتا آهن، ان کان پنهنجو پاڪستان اسان کي واپس ملندو سيد مرادعلي شاهه چيو ته توکي کلي اجازت آهي، جيڪو ڪرڻو آهي، ڪريو بعد ۾ اوهان کي موقعو نه ملندو، پي ٽي آئي جي اڄ چئن ميمبرن ووٽ ڏنو آهي، 4 ميمبر عمران خان کان ناراضگي ٿي ووٽ ڏنو آهي، عمران خان جي بري عادت آهي، هن چيو ته اوهان آصف علي زرداري، خورشيد شاهه، فريال ٽالپر کي جيل ۾ وڌو اوهان کي جيڪو ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، پاڪستان جو عوام سٺو وقت اچڻ جي اميد ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button