پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۽ ڀرپاسي ڳئون ۾ بيماري، مالوند پريشان

ورڪشاپ: ورڪشاپ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن اوڍ منڍ جمڙائو، دٻي، مھيارڪي ۽ اڇڙو ٿر سميت ٻين علائقن ۾ ڳئون ۾ چمڙي جي خطرناڪ بيماري لمپي پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب ڀاڳين جا روز سوين ڍور خطرناڪ چمڙي جي بيماري سبب مرڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ ڀاڳين فقير غلام اسحاق شر، مشتاق احمد ڪارڙو، فاروق احمد ابوپوٽو، رحمت الله شر، رانجهن شر ۽ ٻين سنڌ ايڪسپريس کي ٻڌايو ته ڳئون جي جسم تي ڳوڙھيون ٿي وڃن ٿيون، سندس زبان تي پڻ زخم ٿين ٿا، جانور ڪجهھ کائي پي نٿا سگهن، جنهن ڪري ڪمزور ٿيڻ ڪري موت جي منهن ھليا ٿا وڃن، اھا بيماري اڪثر ننڍن ڦرن تي وڌيڪ حملو ٿي ڪري، ان خطرناڪ مرض جو ڪو علاج ناھي نڪتو، جنهن سبب پريشان آھيون. هنن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي وارن کي به اسان اطلاع ڪيو، پر عملدارن ڪي به قدم ناهن کنيا، مال ۾ مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. هنن لائيو کاتي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جلد خطرناڪ مرض تي ڪنٽرول ڪري مال کي وئڪيسن لڳائي بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button