نفيس نگر: تعلقي جهڏي جي سينٽرن تان ڪٽوتي جو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو. مستحق عورتن لا وفاقي حڪومت پاران احساس ڪفالت جو فنڊ 14 هزار رپيا في قسط جاري ڪرڻ شرط ئي نئون ڪوٽ ۽ جهڏي ۾ قائم احساس سينٽرن تي رقم مان ڪٽوتي شروع ڪئي وئي آهي. ڊوائيز اونر توڙي ايجنٽ مافيا مستحق عورتن جي جي رقم مان 1500 کان 2 هزار رپيا ڪٽوتي وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، سينٽرن تي مقرر پوليس اهلڪار توڙي ايجنٽ عورتن کي جلدي رقم ڏيارڻ بهاني ڦري رهيا آهن. سينٽرن تي سفارشي سلسلو هلڻ سبب ڪيترين ئي عورتن کي ٻن ڏينهن کان رقم نه ملي، جنهن سبب عورتون روڊن تي دربدر آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اڪثر ڊوائيز مالڪ سينٽر کان ٻاهر هڪ ڊوائز تي ٻه ٻه يوزر آئي ڊيز ٺاهي ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن ۾ اٻوجهه عورتن جي وظيفي مان وڏي پيماني تي ڪٽوتي ڪن پيا، پر اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close