اسلام آبادپاڪستان

چوڌري شجاعت آصف زرداري وٽ پهچي ويو،وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ تي مشورا

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ ق جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. ق ليگ طرفان اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ تي آپشن بي سامهون اچي ويو. ڪالهه مسلم ليگ ق جو صدر چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهتو، وفاقي وزير طارق بشير چيما به چوڌري شجاعت حسين سان گڏ هو. زرداري هائوس ۾ چوڌري شجاعت ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي واري رٿ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب چوڌري شجاعت آصف زرداري کي چيو ته جن شرطن تي توهان پرويز الاهي کي وڏو وزير بڻائڻ چاهيو ٿئي، اسان ان لا تيار آهيون. ان موقعي تي آصف زرداري کيس جواب ڏنو ته توهان اسان کي بروقت جواب نه ڏنو ته اسان ٻين آپشنز تي ڪم ڪيو. توهان شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو سياسي قدرن جي خلاف هو. توهان منهنجي لا محترم آهيو، ان ڪري نوازليگ قيادت سان آپشن بي تي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. ذريعن موجب آپشن بي تي فيصلو جو حتمي اختيار نوازشريف جي حوالي ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي جي ذريعن موجب آپشن بي جي صورت ۾ اپوزيشن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي خلاف عدم اعتماد جي رٿ نه آڻيندي ۽ ق ليگ جي موجودا وفاق ۾ نمائندگي جاري رهندي. جڏهن ته چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي دعوت تي نه وڃڻ واري معاملي کي وساريو وڃي. واضح رهي ته چوڌري شجاعت گذريل ڏينهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button