پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پوليس جو ڇاپو، 16 هاري بازياب

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ هاري هيمون ڪولهي جي ڏنل درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي تعلقي ٿاڻي پوليس زرعي زمين تي ڇاپو هڻي 16 هاري بازياب ڪرائي ورتا. دالتي حڪم تي تعلقي ٿاڻي عمرڪوٽ جي پوليس زميندار محمد علي ناگوري ڀڏيلي واري زمين جي ڇاپو هڻي 16 هارين کي بازياب ڪرايو، جن ۾ ڪانجي ڪولهي، لاليو ڪولهي، پاتو ڪولهي، سهگارا، رامون ڪولهي ۽ معصوم ٻار شامل آهن، پوليس هارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو. هارين عدالت ۾ پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته زميندار اسان کان بکن تي هارپو ڪرائيندو هو، حساب ڪتاب نه ڪندو هو، بيماري ۾ به پئسا نه ڏيندو هو. عدالت هارين جو بيان ٻڌڻ بعد کين مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button