اسلام آبادپاڪستان

اسپيڪر کي گذارش آهي ته بي اعتمادي رٿ جلد ايوان ۾ آڻي:فواد چوڌري

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري گهر ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر بي اعتمادي واري رٿ جلد ايوان ۾ آڻي، ماضي ۾ بي اعتمادي جي رٿ ۾ نوٽن جون ٻوريون کوليون ويون. نوازشريف ۽ آصف زردشري هارس ٽريدنگ جو بنياد رکيو. پئسن جي واپارين جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ وزيراعطم عمران خان آهي. هن وقت ڪوبه پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. اپوزيشن فوري طور تي پنهنجا 172 ميمبر ميڊيا سامهون پيش ڪري. اپوزيشن جون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون، بنا ڪنهن تصديق ۽ موقف جي فيڪ نيوز هلائي وڃي ٿي. فيڪ نيوز هلائڻ تي پيمرا نوٽيس ضرور اماڻيندو. وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌسماءَ واري وزير چيو ته ماضي ۾ بي اعتمادي رٿ ۾ نوٽن جون ٻوريون کوليون ويون، نوازشريف ۽ آصف زرداري جو هڪ ئي مقصد ملڪ کي لٽڻ آهي. مولانا فضل الرحمان ذاتي مفادن لاءِ سياست ڪئي. هن چيو ته ملڪ کي هن وقت سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گذارش آهي ته بي اعتمادي رٿ جلد ايوان ۾ آڻي. هن چيو ته اپوزيشن بنا دير پنهنجا 172 ميمبر ميڊيا اڳيان پيش ڪري. وفاقي وزير چيو ته اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته کين 10-10 ڪروڙ جي آڇ ٿي رهي آهي. ملڪ جي مفاد کي نطر ۾ رکي پرڏيهي پاليسي ٺاهي وڃي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفاد کي نطر ۾ رکي پرڏيهي پاليسي جوڙي. چوڌري فواد چيو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جي اڪثريت جي باوجود برطري اسان جي رهي ايم ڪيو ايم سان اڄ به سٺي ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اپوزيشن واضح ٿي. ويندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته دنيا سياسي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪووڊ 19 ۾ پاڪستان معاشي بحران مان بهتر نموني سان نڪتو. ڪووڊ جي باوجود پاڪستان ساڍا پنج سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته دنيا پاڪستان کي هڪ ماڊل طور ڏسي رهي آهي، عالمي سطح تي قيمتون وڌڻ جي باوجود پاڪستان تيل اسمن جا اگهه گهٽايا. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪڏهن به پاڪستان جي وقار جو سودو نٿو ڪري سگهي، اپوزيشن کان پاڪستان جي ترقي هضم نه پئي ٿئي. چوڌري فواد چيو ته عدم اعتماد جو مقصد آهي واڪ لڳايو ميمبر کڻو ۽ ڇانگا مانگا وٺي وڃو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button