پاڪستانسنڌ

عوامي مارچ کانپو عمران جون وايون بتال ٿي ويون آهن: يوسف بلوچ

ملير: پيپلزپارٽي جي ايم پي اي يوسف بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي عوامي مارچ کانپوءِ بداخلاقي جي انتها ڪندڙ عمران خان پنهنجو هوش وڃائي چڪو آهي، عمران خان کي اها به خبر ناهي ته هو ملڪ جو وزيراعظم به آهي، پيپلزپارٽي جي عوامي مارچ جي ڪاميابي سندس وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا نظرياتي جيالا آهيون، ملڪ ۾ ڪروڙين جيالا شهيد ڀٽو جي نظريي جا سنڀاليندڙ آهن، عمران خان کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته سندس هاڻ اقتدار جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، بندوقن جون ڌمڪيون ڏيندڙ عمران خان جڏهن ڪرسيءَ تان هٽندو کيس ملڪ جو عوام مڪمل طور تي ملڪي سياست مان خارج ڪري ڇڏيندو، عمران خان جي اقتدار جا پويان ڏينهن آهن، هن کي بيهوشي جا دورا پوڻ سان گڏ پاغل پن جا به دورا پئجي رهيا آهن، اسان کيس مشورو ڏيون ٿا ته خوار ٿي ڪرسي تان هٽڻ کان پهرين ئي پنهنجو ذهني علاج ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button