پاڪستانسنڌ

ٿر جي ڪوئلي کي بهترين مفاد ۾ استعامل ڪرڻ اولين ترجيح آهي: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ سنڌ ڪول اٿارٽي بورڊ جو هڪ اهم اجلاس ڪالهه سنڌ توانائي کاتي جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن قاسم سراج سومرو ۽ سريندر ولاسائي، سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. بورڊ اجلاس ۾ ڊي جي ڪول اٿارٽي سنڌ مشتاق احمد سومرو ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊي جي ڪول اٿارٽي سنڌ ٿرپاڪر ۾ ڪوئلي کي گيس، مائع ۽ فرٽيلائيزرز ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڪيل منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي. اجلاس ۾ ٿر جي ڪوئلي کي ڪڍي ڪري صوبي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائن وڇائڻ ۽ ان کي ويجهي قومي ريلوي لنڪ سان جوڙڻ جي منصوبن جي تجويزن جي اڳڀرائي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ ڪم ۾ آڻڻ لاءِ قابل عمل منصوبن کي شروع ڪرڻ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد جي حصول لاءِ لاڳاپيل آفيسر پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال آڻي ڪري انهن منصوبن کي ڪامياب بڻائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button